پاتال بندر

پاتال/ پاتال بندر: سنڌو درياهه جي ڇوڙ وٽ موجوده ٺٽي ضلعي جي قديم دور جو هڪ شهر ۽ بندر، جيڪو هڪ وڏو واپاري مرڪز هو. هِتان درياهه ٻه شاخون ٿي وهندو هو، 325 ق. م ڌاري سڪندراعظم جي ڪاهه'>سنڌ تي سڪندراعظم جي ڪاهه وقت اهو ”پاتال“ بندر نالي مشهور هو، جنهنڪري يونان جي تاريخ نويسن ان جو تفصيل سان بيان ڪيو آهي. سڪندراعظم هت گودي به ٺهرائي هئي. ميجر جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب ”دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ ۾ ڄاڻايو آهي ته ”حضرت سليمانعه جي وقت ۾ دنگيون ۽ جهاز، سنڌونديءَ جي پاتال بندر وٽ اچي بيهندا هئا. هت سنڌوندي اچي ڇوڙ ڪندي هئي ۽ مصر ملڪ جا جهاز پاتال بندر تائين ايندا هئا. هن قديم شهر ۽ بندر جا آثار ڪيٽي بندر ۽ شاهبندر جي لڳ سرکاڻي ڪريڪ ۾ ٻڏل آهن، پر ڪڏھن ڪڏھن سمنڊ جي ويرن لھڻ چڙھڻ مھل نظر ايندا آھن. هي سورج وَنسي گھراڻي ۽ سنڌو تھذيب جو اوائلي بندر آهي. درياهه جي ھڪ شاخ جيڪا شاھبندر ڏانهن ويندي ھئي، جنهن تي شاھه ڪپور طرف اھو بندر ھو. جنرل ھيگ ساڳئي ڪتاب جي صفحي ٢٠ تي لکيو آھي ته اڪشو اِڪو ڪُل وارا ھن بندر تي رھندا ھئا. اڪشو اِڪو سورج ونسي گھراڻي جو پھريون بادشاهه ھو، جيڪو گوتم ٻڌ جي ڀيڻ ”اِلا“ سان پرڻيل ھو.


لفظ پاتال بندرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو